SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اوچتي صورتحال


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اوچتي صورتحال

Force de majeure

فورس دي مازئر

هي اصطلاح فرانسي قانون جو لفظ آهي، جنهن ۾ اتفاقي حادثي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل غلطيءَ جي حالت ۾ معاملي کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به ٿوري طاقت رکندڙ ملڪ کان غلطيءَ وچان پاڻيءَ جي چوري، فساد يا حملو ٿي وڃڻ جهڙوڪو ڏوهه ٿي پوي، پر پوءِ به وڏي قوت رکندڙ ملڪ غلطي ڪندڙ ملڪ کي معاف ڪري ته انهيءَ کي ”Force majeure“ جي اصطلاح سان پڌرو ڪيو ويندو آهي. نظر انداز يا درگذر ڪرڻ جو اِهو عمل ٻن هڪ جيتري قوت رکندڙ ملڪن جي وچ ۾ به ٿيندو آهي ۽ ڪي واقعا اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پڻ ٿيندا آهن. انهيءَ صورتحال جو مثال اپريل 2001ع ۾ آمريڪي سامونڊي فوج جي ويڙهاڪ هوائي جهاز جو چين جي فوجي اڏي تي اوچتو لهي پوڻ وارو واقعو آهي. ٿيو ڇا هو ته آمريڪا ۽ چين جي ويڙهاڪ هوائي جهازن جو اڻ ڄاڻائيءَ ۾ هڪٻئي سان هلڪو ٽڪر ٿي پيو، ان حادثي جي ڪري آمريڪي جنگي جهاز کي هنگامي طور هوائي اڏي تي لاهڻ ضروري هيو. Force majeure جي قانون تحت، چين جهاز کي لهڻ جي اجازت به ڏني ۽ ڪو اڻ وڻندڙ رد عمل پڻ نه ڏيکاريو. اهڙي طرح هن عمل تحت درگُذر ڪرڻ واري جذبي کي ورجايو ويندو آهي ۽ ملڪي قانونن تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ کان پرهيز ڪئي ويندي آهي


Remember Me Also:

ڪونهٽي

ث. نَرُ ڍڳي جي ڪنڌ تي اُٿيل ڳنڍي وانگر ماس ، ڪنڌو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal